پيرزادو  عبدالمجيب

پيرزادو عبدالمجيب

پيرزادو عبدالمجيب

پيرزادو، عبدالمجيب: نامياري سياستدان عبدالمجيب پيرزادي سکر ۾ جنم ورتو. هو اڳوڻي وزيراعليٰ ۽ نامور سياستدان پيرزادي عبدالستار جو فرزند ۽ مشهور قانوندان عبدالحفيظ پيرزادي جو ڀاءُ آهي. عبدالمجيب پيرزادي قانون جي تعليم حاصل ڪري ساڳيو قانون وارو پيشو اختيار ڪيو. علائقي جي سماجي ۽ سياسي ڪمن ۾ ڀرپور حصو وٺندو رهي ٿو. 2002ع وارين چونڊن ۾ هي پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي اين. اي 199 (پنو عاقل- روهڙي) تڪ تان چونڊ وڙهي قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو. پنهنجي دؤر ۾ ڪافي ترقياتي ڪم ڪرايائين. 2006ع ڌاري هن قومي اسيمبليءَ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ صوبائي خود مختياري بابت بل پيش ڪيا. 2008ع وارين چونڊن ۾ کيس پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ نه ملي. سندس جاءِ تي خورشيد احمد شاهه چونڊ وڙهي ڪامياب ٿيو. هن وقت عبدالمجيب پيرزادو قانوني ماهر ۽ سپريم ڪورٽ جي وڪيل جي حيثيت سان پيشوراڻيون ذميواريون نڀائي رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو